شڪارپور ماضي- حال

شڪارپور ماضي- حال

شڪارپور ماضي حال

شڪارپور ماضي- حال (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو مرتب ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ جشن شڪارپور جي سلسلي ۾ پهريون 31 مارچ 1982ع ۽ ٻيو 17 اپريل 1983ع تي منعقد سيمينارن ۾ شڪارپور جي تاريخ، ثقافت ۽ علم ادب بابت سنڌ جي مختلف شهرن مان آيل عالمن، اديبن ۽ محققن جي پڙهيل مقالن مان چونڊ مقالن کي سوڌي سنواري پيش ڪيو ويو آهي. چار رنگي ٽائيٽل، ڪچي جلد ۽ ڊيمي سائيز جي 300 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 40 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو